رتيءَ جي رهاڻ

رتيءَ جي رهاڻ

رتيءَ جي رهاڻ

رتيءَ جي رهاڻ (ڪتاب): هي ڪتاب نامور اديب علي نواز وفائيءَ جي مضمونن تي مشتمل آهي. ليکڪ ڪتاب جي ارپنا انهن عظيم انسانن جي نالي ڪئي آهي، جيڪي انسانن سان پيار ڪندا آهن ۽ هميشه ڪدورت واري ڪٽ کي ڪٽي مظلومن، مسڪينن، دردمندن ۽ دکي انسانن جي لڙڪن کي پنهنجي دل جي دامن سان اگهندا آهن. ڪتاب جو پيش لفظ علي محمد راشديءَ، مهاڳ قاضي عبدالمجيد ’عابد‘، تعارف شيخ عبدالحليم ’جوش‘ ۽ ٻه اکر علي نواز وفائيءَ جا پنهنجا لکيل آهن. ڪتاب ۾ شامل مضمون معاشري جي حالتن جي چٽي عڪاسي ڪندڙ آهن. سمورا مضمون مختلف بابن: تاريخي، تنقيدي، سماجي، سياسي، علمي ۽ ادبي، مزاحيه ۽ طنزيه، منطقي، ناصحانه ۽ لطيفيات ۾ ورهايل آهن. هي ڪتاب 1978ع ۾ وفائي اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران شايع ڪيو ويو. هن ڊيمي سائيز جي 220 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو